اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) منصوبابندي ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر هدايت ڪئي آهي ته عوامي سهولت لاءِ سمورا صوبا ري??ورس مينيجمينٽ سسٽم (آر ايم ايس) ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي تدارڪ لاءِ کنيل قدمن ۽ تازه ترين معلومات شيئر ڪن. هو جمعي ڏينهن پنهنجي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپرشن سينٽر (اين سي او سي) ??جل??س کي خطاب ڪري رهيو هو، ??جل??س ۾ ڪورونا وائرس جي وبا بابت تازه تر??ن صورت??ال جو جائزو ورتو ويو.