پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيب??پخ??ونخوا جي گورنر، وڏي وزير ۽ لا??اپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي ح??وم?? ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو ??عا??ن جاري رهندو، موجوده صورتحال ۾ ح??وم?? جو ڌيان وبا تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لا??ار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيب??پخ??ونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئا. ان موقعي تي خيب??پخ??ونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ ح??وم?? جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيب??پخ??ونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.