اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ??ي لاءِ مستقل قدمن، عالمي ڪردار ۽ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ جاري تڪرارن جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ ايندڙ نسلن جي ذهني صحت، تندرستي ۽ پرامن مستقبل ??ي لاءِ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين جي شهر ڪيف ۾ فرسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جي ٽئين سربراهي اجلاس ??ي لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. هن سال جي سمٽ جي شروعات يوڪرين جي خاتون اول اولينا زيلنسڪا ڪئي جنهن جو عنوان ”ذهني صحت: مستقبل جي نزاڪت ۽ لچڪ“ هو. سربراهي اجلاس ۾ صدر ولاديمير زيلينسڪي پڻ خطاب ڪيو. ان سمٽ ۾ جاپان، ترڪيه، البانيه، جرمني، آرمينيا، مقدونيا، پولينڊ، اسپين ۽ سوئيڊن جي فرسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جا پيغام ۾ پڻ شامل هئا. سمٽ ??ي لاءِ پنهنجي پيغام ۾ بيگم ثمينه علوي تڪرارن وارن علائقن ۾ ماڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ يوڪرين ۾ انهن خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو جن کي جنگ جي ڪري جسماني، جذباتي ۽ ذهني دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ انهن جي درد کي محسوس ڪري سگهون ٿا ۽ يوڪرين جي ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري سگهون ٿا، اسان محسوس ڪريون ٿا ته اها انسانيت ئي آهي جيڪا بحرانن ۽ تڪرارن ۾ مبتلا آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته چار ڏهاڪن ??ان وڌيڪ عرصي تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني جي پاڪستان جي پنهنجي تجربي ۽ دهشتگردي ج?? خلاف ان جي ڊگهي جنگ پاڪستان کي سيکاريو ته تڪرار ۽ جنگ ماڻهن جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪن ٿا. هن چيو ته 7 ڏهاڪن ??ان وڌيڪ عرصي ??ان ڀارت پاران غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن ج?? خلاف ظلم ڪشميرين جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي هڪ تحقيق جو حوالو ڏنو جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اٽڪل 1.8 ملين ڪشميري بالغ ماڻهو، جيڪي خطي جي بالغ آبادي جو اٽڪل 45 سيڪڙو آهن، انهن پاڻ کي مختلف قسم جي ذهني پريشانين ۾ مبتلا ڏٺو، جن ۾ بي چيني، ڊپريشن ۽ ٻيا شامل آهن. اهي پريشان ڪندڙ انگ اکر مسلسل فوجي ڪاررواين، هٿياربند تڪرارن، اقتصادي بندشن ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي گهري اثرن جي نشاندهي ڪن ٿا. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته دماغي صحت کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي تڪرارن وارن علائقن ۾ ماڻهن تي ان جي منفي اثرن جي حوالي سان غلط فهمي ڏٺي وڃي ٿي. هن ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي نتيجن جو حوالو پڻ ڏنو ته انساني بحران ?? ذهني صحت جي مسئلن جو ڦهلاءُ ٻيڻي ??ان به وڌي وڃي ٿو. هن چيو ته ڪنهن به تڪرار واري علائقي ۾ جنگ جو ڊگهو عرصو ذهني صحت جي معياري سهولتن ۽ مشاورت جي ضرورت کي وڌائي ڇڏي ٿو. خاتون اول ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تڪرارن وارن علائقن ۾ ماڻهن کي معمول جي زندگي ۾ واپس آڻڻ ممڪن آهي جڏهن ته ان ??ي لاءِ دنيا ۾ مسلسل ڪوششن ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا جي تڪرارن جو پرامن حل چاهي ٿو.