گلگت – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جا اڳواڻ پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن، اهي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ ڪڏهن جيلن ۾ وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ٻاهرئين ملڪ ڀڄي وڃن ٿا، انهن جي ??ولادن کي به ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي ??هيو آهي، عوامي نم??ئن??ا پئسو ڪمائڻ بدران عوام جي ??دمت کي پنهنجو مقصد بڻائين ۽ گلگت بلتستان جي ??وام جون زندگيون بدلائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ۽ صلاحيتون استعمال ۾ آڻين ۽ گورننس جو اعليٰ معيار قائم ڪن، صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جو دائرو گلگت بلتستان تائين وڌايو ويندو، سياحت جي فروغ جي لاءِ سستا قرض ڏنا ويندا، هائيڊرو اليڪٽرڪ سان خصوصي اقتصادي زون بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل ڪابينا جي ??لف برادري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.