مظفر آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي، مودي جي انتهاپسند حڪومت مسلمانن تي ظلم جي انتها ڪري چڏي آهي، آر ايس ايس هٽلر نازي جي سوچ اختيار ڪئي آهي جيڪا پاڻ ڀارت جي تباهي جي ٻڌل آهي، 5 آگسٽ کان پهرين ڪشمير مسئلي کي پوري ??نيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، حڪومت ل??ئن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ سبب متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد جاري ??کندي، احساس پروگرام ت??ت مالي مدد کانسواءِ پوري ??زاد ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلعن جي سمورن ماڻهن کي صحت ڪارڊز به فراهم ڪيا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ل??ئن آف ڪنٽرول جي رهواسين ??ي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.