اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ضرورتمند گهراڻن کي روڪ رقم جي منتقلي جي پروگرام جي سلسلي ۾ ڀارت کي مدد فراهم ڪ??ڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم انگريزي اخبار جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان رپورٽ موجب ڀارت ۾ 34 سيڪڙو گهراڻا مدد فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ هف??ي کان وڌيڪ زنده رهڻ جي قابل نه هوندا، هن چيو ته اسان جي حڪومت 9 هف??ن جي دوران هڪ ڪروڙ خاندانن کي ڪووڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ 120 ارب روپين جي روڪ رقم شفاف طريقي سان فراهم ڪ??ي آهي، اسان ??ي ان پروگرام کي عالمي طور تي ساراهيو ويو آهي، وزيراعظم آڇ ڪئي ته هو ان طرح پروگرام جي لاءِ ڀارت کي مدد ۽ معاونت فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ تيار آهي.