اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ چيو ته نواز شريف جي تقرير نشر ٿيڻ ڏيو، نواز شريف جي تقرير سڌوسنئون ن??ر ٿيڻ سان هو پاڻ ايڪسپوز ٿي ويو آهي، قوم کي خبر پئجي وئي آهي ته سندس ڳالهين ۾ ڪيتري منافقت آهي ۽ هو مڪمل صحتمند ڏسڻ ۾ آيو آهي، واضح ٿي ويو ته ٻاهر وڃڻ جي لاءِ بيماري جي شعبده بازي ڪئي وئي، وفاقي گادي واري شهر جو ماحول نارمل آهي، ڪجهه سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز شريف جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي م??م ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪو آهي، انهن کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلاف بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي، ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مه?? نواز شريف جي تقرير ۾ ظاهر هئي. مخالف ڌر پارٽين پاران منعقد ڪيل اي پي سي تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير چيو ته وفاقي گادي واري شهر جو ماحول نارمل آهي رڳو ڪجهه سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز شريف اڄ جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ڪئي، نواز شريف 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي م??م ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪوآهي، نواز شريف کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلاف بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي؟ ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مه?? نواز شريف جي تقرير ۾ ظاهر هئي، ان تي بحث ٿيڻ گهرجي ته نواز شريف کي بيانيو ڪنهن جي طرفان ڏنو پيو وڃي.