اسلام آباد ??? 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳ??پا سر دور عمر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاو??، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، وزيراع??م چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳ??پا آهن، هن ازبڪستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، وزيراع??م چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب وزيراعظم ازبڪستان جي صدر طرفان وزيراعظم عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.