اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪو??ونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا جي 394 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 980 ڪو??ونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 8 هزار 999، پنجاب ۾ 6 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 560، اسلام آباد ۾ 2 هزار، 274 ب??وچ??تان ۾ 271، گلگت بلتستان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 289 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا کان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 16 ٿي چڪي آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ب??وچ??تان ۾ ڪو به ڪو??ونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪو??ونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 87 ڪو??ونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 542 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 98 هزار 903 آهي .