اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته قوم شهداءِ پوليس ڏهاڙي جي موقعي تي پوليس جي بهادر شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو ته دهشتگردي جي خ??تم??، امن قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ انهن فرزندن تي اسان کي فخر آهي. هن چيو ته ڏوهاري ۽ سماج دشمن عنصرن جي خلاف برسرپيڪار انهن بهادرن کي اسان جو سلام آهي.