اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گاد?? واري شهر اسلام آباد جي قدرتي حسن کي محفوظ رکڻ ۽ ماحوليات جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ ناجائز اڏاوتن ۽ قبضا مافيا جي ڪاررواين جي ڪري وفاقي گاد?? واري شهر اسلام آباد ۾ واقع گرين ايرياز کي شديد نقصان پهتو آهي، گرين ايرياز جي تحفظ جي حوالي سان هر مم??ن قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديل?? واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.