اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنر?? محمد افضل چيو ??هي ته سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ 4200 جي لڳ ڀڳ وينٽي ليٽرز موجود آهن ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر مريضن جي لاءِ وينٽي ليٽرز جي گهٽتائي يا کوٽ نه آهي. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ??ه اضافي 1310 وينٽي ليٽرز جي خريداري لاءِ آرڊرز اڳ ۾ ئي ڏنا ويا آهن. ليفٽيننٽ جنر?? محمد افضل چيو ??ه وينٽي ليٽرز کي هلائڻ جي لاءِ تربيت يافته عملي جي ضرورت هوندي آهي. جن ڪمپنين کان وينٽي ليٽرز خريد ڪيا پيا وڃن انهن کان عملي کي تربيت ڏيڻ، وينٽي ليٽرز هڻڻ ۽ هڪ سال کان وٺي ٽن سالن جي مدي تائين ان جي مرمت کي يقيني بڻايو ويو ??هي، آمريڪا به پاڪستان کي 200 وينٽي ليٽرز ڏيڻ جي آڇ ڪئي آه??، انهن مان اڌ تمام جلد پاڪستان پهچي ويندا، انهن ۾ ڪراچي ۽ پشاور کي 30، 30، بلوچستان کي 15 ۽ فيصل آباد کي 10 ۽ لاهور کي 15 وينٽي ليٽرز ڏنا ويندا.