اسلام ??باد – 05 فيبروري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ ثابت قدم عوام ??ان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حق جي لاءِ 7 ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ڪاررواين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستاني عوام ??ي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏ??ي آهي، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام ??ي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.