پتراجايا – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ملائيشين هم منصب ڊاڪٽر مهاتير محمد ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط اقتصادي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي فر??غ ڏيڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو آه??. ٻنهي اڳواڻن پي ايم آفيس پتراجايا ۾ گڏيل پريس ڪ??نفرنس کي خطاب ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع، قانون لاڳو ڪرڻ، سياحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کان آگاهي ڏني.