اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معصوم ۽ بي گناهه ??شم??رين سان پنج مهينن کان جاري رياستي دهشتگردي، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان مخالف تڪراري قانونسازي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، ڪابي??ا عالمي فورمز تي ??شم??رين جو ڪيس بهتر انداز ۾ وڙهڻ تي وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري جي سمورن اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ??شم??رين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن، وزيراعظم جنوري جي پهرين هفتي بني??دي ضرورت جي شين تي 6 ارب روپيا سبسڊي ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪمزور طبقن جي بني??دي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪارڊ جاري ڪندو، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي آغاز ۾ گذريل تقريبن پنج مهين کان والاريل ??شم??ر ۾ جاري ڪرفيو ۽ معصوم ??شم??رين تي ظلم ۽ ستم جي شديد مذمت ڪئي.