اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن حڪومت ماحولياتي تبديلين جي حوالي ??ان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين حڪومت آهي جنه?? ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، شهرن جي پکيڙڻ بدران ا??ان گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ڏانهن وينداسين، حڪومت ۾ ا??ڻ اڳ منهنجو اهو عزم هو ته اقتدار ۾ ا??ي ماحولياتي تبديلي اولين ترجيح هوندي، اهو ئي سبب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ حڪومت ۾ ا??ڻ کانپوءِ ا??ان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي جي آغاز دوران معلوم ٿيو ته ٽمبر مافيا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گارڊ ا?? مافيا جي هٿا?? ماريا ويا، گذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اهو ئي سبب آهي جو لاهور آلوده ترين شهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪنزرويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.