اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته او آءِ سي ۽ گڏيل قومن افغانستان ۾ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ ۽ او آءِ سي افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آه??، اجلاس سان افغانستان ۾ انساني الميي جي حوالي سان شعور بي??ار ٿيو آه??، افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ اقتصادي بحالي جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، هي گڏيل ذميواري آه?? پاڪستان اڪيلو ان کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، آمريڪا ۽ اولهه ملڪ خطي ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪر??ار کي ساراهي رهيا آه??. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري غيرمعمولي ڪانفرنس کانپوءِ او آءِ سي جي سيڪ??يٽ??ي جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ 20 پرڏيهي وزير، 10 نائب پرڏيهي وزير، 70 وفد، پي فائيو، يورپي يونين، گڏيل قومن ۽ ٻين مالياتي ادارن سميت جرمني، جاپان ۽ اٽلي جي نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙن ۽ او آءِ سي ميمبرن جا ٿورائتا آه??ون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ جا مثبت خيال به ٻڌا، ٽام ويسٽ جي بيان مان لڳي ٿو ته آمريڪي موقف ۾ بهتري آئي آه??. ٽام ويسٽ چيو ته آمريڪا طالبان سان گڏ هلڻ چاهي ٿو ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي چاهي ٿو. اجلاس ۾ افغان وفد پڻ حصو ورتو ۽ دنيا کي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اميد آه?? ته هي غيرمعمولي اجلاس هڪ پُل جو ڪر??ار ادا ڪندو. اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن تي کلي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ان سان افغانستان ۾ انساني الميي جي حوالي سان شعور بي??ار ٿيو آه??. اجلاس ۾ افغانستان ۽ فلسطين بابت ٻه دستاويز متفقه طور تي منظور ڪيا ويا. هن چيو ته اجلاس ۾ افغانستان ۾ انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جي حوالي سان دنيا کي پيغام ڏنو ويو ته جيڪڏهن 38 ملين افغان عوام جي خراب حالت تي ڌيان ڏيڻ لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. ان کانسواءِ افغان صورتحال تي ڌيان نه ڏنو ويو ته خطو هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو شڪار ٿي سگهي ٿو جنهن سان نه رڳو پاڙيسري ملڪ پر پورو خطو متاثر ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته هي گڏيل ذميواري آه?? پاڪستان اڪيلو ان کي منهن ٿو ڏئي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته اجلاس جي ذريعي مسلمان امت کي نه دنيا ۾ پيغام پهچائڻ چاهيون ٿا. آمريڪا ۽ اولهه ملڪ خطي ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪر??ار کي ساراهي رهيا آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جي باوجود اسان هڪ مثبت قدم کنيو، انهن 50 هزار ٽن ڪڻڪ افغانستان کي ڏيڻ يا اسان کي آزمائڻ چاهيو پئي، اسان انهن کي اهو موقعو نه ڏنو ۽ پاڪستان جي رستي ڪڻڪ کڻي وڃڻ جي ڀارت کي اجازت ڏني. افغان عوام جي مالي امداد جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو آه?? ته ٽرسٽ فنڊ قائم ٿي چڪو آه??، پر اڃا تائين ڪا امداد ناهي ملي، ڪو بئنڪنگ اڪائونٽ نه آه?? جتي امداد وڃي سگهي. بئنڪنگ اڪائونٽ ٺهڻ سان قائم ٿيل فنڊ فعال ٿي ويندو. هن چيو ته انساني امداد کي مشروط نه ڪيو ويندو، عالمي بئنڪ 280 ملين ڊالر فراهم ڪيا آه?? جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن 1.2 ارب ڊالر جي استعمال نه ٿيل فنڊز جي استعمال جو اشارو ڏنو ويو آه??. هن چيو ته نجي افغان بئنڪن کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڃا افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو وقت ناهي آيو، آهستي آهستي اڳتي وڌڻو پوندو. افغان عبوري حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ آه?? ته افغان طالبان جي عبوري حڪومت کانپوءِ ڪسٽم گڏ ڪرڻ جو سلسلو ٻيڻو ٿي چڪو آه?? جڏهن ته افغان عبوري پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هو گهڻ رخي متفقه حڪومت جي لاءِ پرعزم آه??. متقي جو چوڻ هو ته پهرين مرحلي ۾ ڪيترن ئي ڌڙن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ ڌڙن کي شامل ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن سندس ازبڪستان جي پنهنجي هم منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪو افغانستان بابت علائقائي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نئين دهلي وڃي رهيو هو ته مون کيس چيو ته توهان نئين دهلي عملدارن کي سجهايو ته اهي منفي رويو ختم ڪن ۽ مثبت رويو اختيار ڪن. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ بئنڪنگ چينل بحال نه ٿا ٿين ته امداد جي پهچ ۾ ڏکيائي ٿيندي. او آءِ سي جي سيڪ??يٽ??ي جنرل حسين ابراهيم طحيٰ چيو ته اجلاس جي ميزباني جي لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي وزير جا ٿورائتا آه??ون. او آءِ سي جي سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته ميمبر ملڪن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن جي شرڪت اجلاس جي ڪاميابي آه??. سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته اجلاس انتهائي اهم هو، ڏورس نتيجا نڪرندا، هي رڳو هڪ ڏينهن جي ڪانفرنس نه آه?? پر ان جا تاريخي اثر پوندا. هن چيو ته اجلاس ۾ يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا سميت اهم ملڪن شرڪت ڪئي ۽ امداد جو اعلان پڻ ڪيو. افغان ڀائرن جي امداد جي اعلانن سان اميد پيدا ٿي آه??. سرديءَ جي موسم جي ڪري افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آه??. سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ افغانستان جي مدد جي لاءِ خصوصي اڪائونٽ کولڻ جو اعلان ڪيو آه??. افغان عوام جي مدد جي لاءِ پنهنجي عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايون ٿا. هن چيو ته اسلامي ترقياتي بئنڪ تحت افغانستان جي لاءِ قائم ڪيل ٽرسٽ فنڊ ۾ سمورا ملڪ امداد جمع ڪرائيندا. اسلامڪ فقه اڪيڊمي ۽ عالم س??ورن سان رابطا ڪري ڌرين ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪندي. سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڪوششن سان ڪامياب اجلاس جي انعقاد ۽ افغان عوام جي لاءِ ڪوششن تي ٿورائتا آه??ون.