اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سمورن اعتراضن ۽ خدشن جي باوجود حسين نواز جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو آهي ۽ 5 کان 6 ڪلاڪ جي آءِ ٽي جي سوالن جا جواب ڏنا، حسين نواز جي طبيعت خراب هجڻ بابت افواهه پکيڙي وئي اهڙو ڪجهه نه ناهي ٿيو، ايمبولينس حسين نواز جي لاءِ نه آئي هئي، انصار عباسي جي خبر تي سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي. هو قومي اسيمبلي ميمبر دانيال عزيز سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاناما ليڪس جي معاملي تي وزيراعظم محمد نواز شريف سڀ کان اڳ سپريم ڪورٽ کي جي آءِ ٽي يا ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ خط لکيو هو. هن چيو ته عمرا?? خان شروع وارن ڏينهن کان ئي ا??زا??ن جي برسات ڪري ڇڏي، ڪڏهن ??ن چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ا??زا?? هنيو ته ڪڏهن ??اناما ليڪس ۽ ڊان ليڪس جو سه??رو وٺندو رهيو پر کيس ڪنهن به طرف کان ڪاميابي نه ملي سگهي.