اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍ?? جي سزا برقرار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله ڳجهي سرڪاري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري کي ف??اهم ڪئي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري کان بچي ف??ار ٿي ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍ?? جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب عدالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اداري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله کي سروس مان ڪڍ?? جي سزا ڏني هئي، فهيم الله گرفتاري جي وارنٽ بابت معلومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رفيق احمد راڄپر کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم الله اها معلومات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر يعقوب راڄپر کي ڏني، يعقوب راڄپر معلومات رفيق راڄپر کي ڏني جنهن جي ڪري هُو موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ گرفتاري کان بچي ويو. انڪوائري کانپوءِ فهيم الله جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍ?? جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. صدر فهيم الله جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برقرار رکيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي في??لي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو في??لو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهيم الله کان ٿيندي رفيق راڄپر تائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار فرار ٿيو، فهيم الله، يعقوب راڄپر ۽ رفيق راڄپر جي وچ ۾ رابطو به ثابت ٿي ويو. هن چيو ته فهيم الله ۽ يعقوب راڄپر جي ٽيليفون جي ف??انزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي في??لي ۾ چيو ته فهيم الله جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.