اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خان??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪي?? ۽ مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني قوم گڏيل عرب امارات جي ڏک ۾ برابر جي ش??يڪ آهي. هن شيخ خليفه بن زيد النهيان جي مسلمان امت ۽ پاڪ – يو اي اي دوستي جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر چيو ته اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کان ??حر??م ٿي ويو.