اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت ??ان گڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جا قدم کنيا وڃن. شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، موجوده ذخيرن ۽ صوبائ?? ۽ ??ومي سطح تي کپت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي هن سال پيداوار جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي مجموعي پيداوار جو هدف 28.89 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو جڏهن ته متوقع پيداوار 26.173 ملين ميٽرڪ ٽن رهڻ جي اميد آهي. ڪڻڪ جي ملڪي سطح تي مجموعي کپت جو ڪاٿو 30.79 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي. ڪڻڪ جي پيداوار جي هدف ۽ متوقع پيداوار ۾ فرق جي سببن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل حڪومت ??ي ڀاڻ جي فراهمي ۾ بدانتظامي جي ڪري ڀاڻ جو بحران آهي. وڌيڪ اه?? ته مارچ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ??ي دير سان اعلان جي ڪري آبادگارن جي ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. ان کانسواءِ تيل جي قيمتن ۾ اضاف?? ۽ ??وسمياتي تبديلي يعني وقت کان اڳ گرمي جي شدت ۾ اضافو پڻ ڪڻڪ جي طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رهيا. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ڪڻڪ جي حڪومتي سطح تي خريداري جي حوالي سان پنجاب 91.66 سيڪڙو، سنڌ 49.68 سيڪڙو، بلوچستان 15.29 سيڪڙو جڏهن ته پاسڪو 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. وزيراعظم کي موجوده حڪومت ??ي عوامي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو، کيس ٻڌايو وي?? ته حڪومت ??ي فلور ملز کي ڪڻڪ جي فراهمي تي سبسڊي، اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي 400 رپيا جي قيمت ??ي فراهمي، بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي سستي اٽي جي فراهمي ۽ خيبرپختونخواهه کي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي انهن قدمن ۾ شامل آهي. وزيراعظم عملدارن کي خيبرپختونخواهه حڪومت ??ان گڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي چوري ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٺوس حڪمت ??ملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي تعمير جي حڪمت ??ملي تيار ڪري جلد پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ڪڻڪ جي پوکيءَ جي ڏينهن ۾ ڏوهاري غفلت، بدانتظام?? ۽ ??اپرواهي جي ڪري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ ملڪ کي نقصان پهتو، سائيلوز جي تعمير سان چوري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، غلط فيصلن ۽ وقت سر حڪمت ??ملي نه هجڻ جي ڪري اسان ڪڻڪ جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي درآمد ڪندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو، ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس جي دير سان اعلان سان نه رڳو آبادگارن جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي پيدا ٿي پر ان جو فائدو سڌوسنئون ذخيره اندوزن کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم پنجاب حڪومت کي پنهنجو خريداري جو هدف وڌائڻ جي هدايت ڪئ?? ۽ ??وڊ سيڪيورٽي ڊويزن کي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ضرورت پوڻ تي وقت سر ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چي?? ته پاڪستان کي بهتر حڪمت ??ملي سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ملڪ بڻائينداسين. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، فوڊ سيڪيورٽي، پاسڪو ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ صوبائي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.