اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته مزدور ڪنهن به معاشري جي ترقي ?? اهم ڪرد??ر ادا ڪن ٿا، اسان اسلام، پاڪستان جي آئين ۽ عالمي معيارن موجب مزدورن جي ڪم جي حالتن کي بهتر بڻائينداسين، اسان مزدورن ۽ انهن جا مسئلا هر سطح تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آئون مزدورن جي هن عالمي ڏينهن تي پاڪستان ۽ پوري دنيا جي مزدورن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. مزدورن جي ترقي کانسواءِ دنيا جي حقيقي ترقي اڌوري آهي. هن ڏينهن تي شڪاگو جي انهن مزدورن کي ياد ڪرڻ چاهيان ٿو جن جون قربانيون مزدورن جي حقن جي لاءِ هڪ عالمي تحريڪ بڻجي چ??ي آهي. هن چيو ته دنيا جي ترقي پورهيتن جي محنت جو نتيجو آهي. مزدورن جي صحت ۽ حفاظت جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آئي آيل او) جون ڪوششون ساراهه جوڳيون ۽ انتهائي مناسب آهن. هن چيو ته مزدور ۽ پورهيت جن ۾ پڙهيل لکيل، ناخوانده، هنرمند ۽ غيرهنرمند شامل آهن ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقي ?? اهم ڪرد??ر ادا ڪن ٿا.