اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان بر??انوي ها??ِ ڪمشنر ڪرسچين ٽ??نر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، بر??انيه جي ها??ِ ڪمشنر مريم اورنگزيب کي اطلاعات وا??ي وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ سگهه لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن، ڊجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فيڪ نيوز پاڪستان سم??ت پوري دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي، بر??انوي ها??ِ ڪمشنر اطلاعات وا??ي وزير کي پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بر??انيه جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اورنگزيب چيو ته يوم آزادي 14 آگسٽ تي پاڪستان ۽ بر??انيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ بر??انيه لاڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ بر??انيه جا لاڳاپا گڏيل احترام، وسيع علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙي تصورن تي ٻڌل آهن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.