اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪرا??ي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪرا??ي ۾ ٿي??دڙ قابل مذمت دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪ??دڙ چيني شهرين سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان ج?? حڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي??دڙ متاثرين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ترجمان چيو ته قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري رهيا ??هن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آ??ي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا ??هن، ترجمان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو.