اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ ان??اف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس هتي منعقد ٿيو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ ايندڙ چونڊن لاءِ اميدوارن جي تعين ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صوبائي صدرن کي درخواستن جي وصولي جو عمل جلد مڪمل ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ت?? تحريڪ ان??اف وفاقِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي آهي، تحريڪ ان??اف جو ووٽ بئنڪ نهايت تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن، هن چيو ت?? بهترين اميدو??ر ميدان ۾ لاهينداسين ۽ ڀرپور طريقي سان اقتدار ۾ واپس اينداسين.