اسلام آباد / حافظ آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آچر تي حافظ آباد ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم عمران خان آچر ڏينهن حافظ آباد جو دورو ڪندو ۽ حافظ آباد ۾ سڀ کان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حافظ آباد ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ اسپتال قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ حافظ آباد ضلعي ۾ اربين رپي?? جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي هن چيو ته مافيا پاڪستان جو هر هڪ ادارو کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ماضي جي حڪمرانن ٻاهرئين ملڪ اربين رپين جون پراپرٽيون ٺاهيون. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري ??نهنجي غيرقانوني دولت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماضي جو حڪمران طبقو قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ميمو گيٽس اسڪينڊل ۾ آصف علي زرداري ڪهڙي ملڪ کان مدد طلب ڪئي هئي. مملڪتي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري ??کيڙڻ چاهي ٿي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن هو پر مخالف ڌر کي ملڪ جي اها ترقي هضم نه ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪ ۾ بد??مني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي دولت چوري ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ نه آيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪنه?? جي آڏو جهڪڻ جي اجازت نه ڏني آهي. هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪنداسين. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر غلاماڻو ذهن رکندڙ آهي جيڪا عالمي برادري آڏ?? ڳالهائي به نه ٿي سگهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پوري دنيا ۾ بهادري سان پاڪستا?? جي عزت ۽ احترام ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا کي ناڻي واڌ درپيش آهي. تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪيون آهن. فرخ حبيب چيو ته مختلف معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي جن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي اهي سمورا بد??نوان آهن.