اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي?? اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر مصري سفير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي جي قابل قيادت ۾ سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي ??وام گڏيل عقي??ي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي ??وري دوران صدر السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪري س??ن تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري جي پاڪستان جي ??وري ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ??يم سي) جي ??لد انعقاد جو منتظر آهي. مصري سفير پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي ??اطري ڏياري.