اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقل??تن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقل??تن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اقل??تن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن. هن اها ڳالهه قومي اسي??بل?? ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي جي قيادت ۾ اقل??تن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو مذهبي هم آهنگي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين ملڪ جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اقل??تن جي ڪردار ک?? پڻ ساراهيو.