اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ لاهور کان هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ جو باقائدگي سان آغاز ڪندو، فرخ حبيب پن??نج?? ه?? ٽوئيٽ ۾ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ڪاميابي سان جاري ڪرڻ کانپوءِ هاڻي پنجاب صوبي جي هر خاندان وٽ ساليانو 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت هوندي، هن چيو ته بهترين ڊاڪٽرن سان سٺي اسپتالن ۾ پن??نج?? پيارن جو وقت سر علاج ممڪن ٿي سگهندو.