اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪ??ي. ??رڏيهي وزير چيو ته پ??ڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت، تاريخ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي بنياد تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چي?? ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن هر مشڪل گهڙي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪ??ي. ??خدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سعودي حڪومت جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.