اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي، 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ج?? غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??اڪ??تان جي دوري تي آيل ملائيشيا جي پنهنجي هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڪئي جنهن وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري، دفاعي، تعليمي، سياحتي ۽ سائنسي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان عالمي فورمن تي ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هڪ جهڙائي خوش آئنده آهي. پرڏيهي وزير ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ سفري پابندين تي نظرثاني جي ضرورت تي زور ڏنو. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سيف الدين عبدالله شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.