پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير مح??ود خان چيو آ??ي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان الميي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن انسانيت جي دشمنن معصوم شاگردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي اي?? جي شهيدن جو غم اڄ به اسان ج?? دلين ۾ زندهه آهي ۽ هميشه زندهه رهندو. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شاگردن ۽ استادن جي شهادت هميشه ياد رهندي. اهڙو اظهار هن اي پي اي?? جي 7 ورسيءَ جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد رکيو ۽ پوري قوم حڪومت ۽ ادارن کي گڏيل دشمن خلاف متحد ڪيو.