اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پينشن جي شفاف ورهاست لا پينشنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جي نظام جو افتتاح ڪيو ويو ??هي?? جنهن سان 14 لک پينشنرن مان هر مهيني 60 ارب روپيا جي رقم شفاف طريقي سان ورهائڻ کي يقيني بڻايو ويندو. اي جي پي آر ۾ پينشنرن جي لاءِ ڊجيٽل سهولت جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي صدر اطمينان ظاهر ڪيو ته انهن قدمن سان نه رڳو پينشنرز جي نه رڳو ذاتي تصديق جي نظام ۾ بهتري ايندي پر جعلي شناخت جي روڪٿام به يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ان نظام سان نه رڳو پينشنرن جي مشڪلاتن جو ازالو ٿيندو پر انهن جي شفاف ڊيٽا بيس جي راهه هموار ڪرڻ ۽ جعلي پينشنرن جي خاتمي ۾ مدد ملندي، هن پينشنرن کي ??هولتون فراهم ڪرڻ ۽ پينشن جي ورڇ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ بايو ميٽرڪ جي تصديق کي ??هم قدم قرار ڏنو، هن 7 کان 12 سيڪڙو جي ويجهو ماڻهن کي ??کين ۽ چهري جي ذريعي تصديق نظام جي تجويز ڏني، هي اهي ماڻهو آهن جنهن جي عمر، معذوري، وڌيڪ مزدوري، بيماري جي سببن تي فنگر پرنٽس ضايع ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري انهن جي تصديق ناهي ٿيندي، هن ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت کي ??ستعمال ۾ آڻيندي موثر آڊٽ جي نظام تي زور ڏنو. عوام جي مفاد ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي استعمال تي زور ڏيندي هن چيو ته ملڪ جي ترقي جو ڀاڙڻ ٽيڪنالاجي جي نئين رجحان کي وقت سر اختيار ڪرڻ ئي ??هي?? صرف انهن ملڪن ترقي ڪئي جن ٽيڪنالاجي جي جديد رجحانن کي فوري اختيار ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي خدمتن جي فراهمي جي نظام کي ??صو بڻايو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي تي ٻه کان ٽي سيڪڙو مثبت اثر وجهندي ??هي?? قوم کي ??ن فائدي کان آگاهه ڪرڻ ا??م آهي. اهڙي طرح هن چيو ته ڊجيٽل بئنڪنگ صارفين کي گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت سان گڏ شفاف ۽ مناسب مالي ٽرانزيڪشن جي مالي سهولت فراهم ڪندي ??هي?? جيتوڻيڪ هن مالياتي ادارن تي زور ڏنو ته عوام کي مسلسل آگاهي جي ذريعي مالياتي دوکي ??ي خلاف مضبوط تحفظ فراهم ڪري، هن چيو ته ايندڙ چونڊن۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ عوام جي مفاد ۾ ٽيڪنالاجي کي ??ستعمال ۾ آڻڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم ??هي?? اي وي ايم سان ووٽن جي شفاف ۽ فوري ڳڻپ يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان ۾ گهپلن جو به ڪو خدشو نه ??هي?? صدر پينشنرن جي سهولت لاءِ بايو ميٽرڪ تصديقي خدمتن جو آغاز ڪرڻ تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ نادرا جي واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي هن اي جي پي آر جي ٻن پينشنرن جي بايو ميٽرڪ تصديق جو عمل ڏٺو جن آن لائين ويريفڪيشن جي لاءِ بئنڪ جي بايو ميٽرڪ ڊائيوس تي پنهنجا فنگر پرنٽس رکيا.