اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سمورا اهل وطن ۽ مسلمان امت مفڪر اسلام ۽ عظيم فلسفي شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي، اڄ جي ڏينهن اسان کي اقبال جي تعليم کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به سوچڻ گهرجي ته هن جيڪا ڪاميابي جي راهه اسان کي ڏيکاري ان تي اسان ڪيترو عمل ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي 144 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي ??نهنجي پيغام ۾ ڪيو. مملڪتي ??زير چيو ته اڄ ڏينهن جي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين. هن چيو ته علامه اقبال جي پيغام ۽ فلسفي کي سمجهڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن نه هئي. مملڪتي ??زير چيو ته ڊاڪٽر علامه اقبال کي ننڍ?? کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جو تصور پيش ڪرڻ تي سدائين ياد رکيو ويندو. فرخ حبيب چيو ته علامه اقبال جي فرمانن سان اسان کي اسلام جو هقيقي پيغام سمجهڻ ۾ مد?? ملي ٿي. هن مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت جي خواب مان بيدا ڪرڻ ??ي ڪوشش ڪئي، انهي ??ي ڪري اسان اڄ هڪ آزا?? ملڪ ۾ سڪون جو ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته آزادي هڪ تمام وڏي نعمت آهي، آزادي جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. مملڪتي ??زير چيو ته علامه اقبال ننڍ?? کنڊ جي مسلمانن کي هڪ اهڙي وقت ۾ رستو ڏيکاريو جڏهن اهي منزل جو نشانو وڃائي چڪا هئا، علامه جي فڪر ۽ سوچ اميد جو اهڙو ڏيئو روشن ڪيو جنهن نه رڳو منزل پر رستي جي به نشاندهي ڪئي.