اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هاڻي عالمي ميڊيا به ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگ??ڊه ۽ فيڪ نيوز کي بي نقاب ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فر??نس 24 ٽي وي چينل پاڪستاني فضائيه جي افغانستان ۾ پنجشير تي حملي با??ت ڀارتي ميڊيا جي جعلي خبرن کي بي نقاب ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فر??نس 24 ٽي وي جي وڊيو رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. وڊيو ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت جي هستي ٽي وي چينل طالبان جي پنجشير تي قبضي جي دعويٰ کانپوءِ پاڪستان ايئر فورس جي پنجشير تي حملن بابت جعلي رپورٽ جاري ڪئي. ڀارت جي ٽائيمز نائو ٽو ڀارت ۽ زي هندستان ٽي وي چينلز پڻ انهي وڊيو جو سهارو وٺي پاڪستان جي خلاف پروپئگ??ڊه ڪئي.