لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ موثر ۽ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ ??يمت تي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٿاڻن تائين عوام جي پُهچ ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جامع طريقيڪار جوڙ??و وڃي، پوليس سياسي وابست??ي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي. هن اها ڳالهه هتي انتظامي ڍانچي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب سردار علي خان شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو ته پنجاب جي انتظامي فيصلن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رک??و ويندو، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ سهرين کي بنيا??ي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان کانسواءِ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل اولين ترجيح آهي، پنجاب ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي هر گز برداشت نه ڪ??و ويندو، وزيراعظم عمران خان کي آءِ جي پنجاب سردار علي خان سڄي صوبي ۾ پوليس جي اصلاحي ترجيحن تي بريفنگ ڏني. پنجاب پوليس عوام جي بنيادي مسئلن ۽ شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي عوام جي سهولت لاءِ وڌيڪ موثر بڻا??و وڃي ان کانسواءِ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي گهٽ ??يمت تي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم عمران خان خاص هدايت ڪئي ته عوام جي پوليس ا??ٽيشن تائين پهچ ۽ ان جي شڪايتن جي فوري داد رسي لاءِ موثر ميڪنزم جوڙ??و وڃي. وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي زور ڏنو ته پوليس ڪنهن به قسم جي سياسي وابست??ي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي.