اسلام آب??د – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عاد?? شيخ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حليم عاد?? شيخ تي حملو بزدلاڻو فعل آ??ي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حليم عاد?? شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عاد?? شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم جون سموريون بزدلاڻيون ڪارروايون صوبائي حڪومت جي چوڻ تي ڪيون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا واڙا بڻجي چڪا آهن. حليم عاد?? شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو.