اسلام آب??د ?? 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو آهي ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آه??، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو، پاڪستان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پرامن افعانستان، پاڪستان جي مفاد ۾ آه??، افغانستان جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن، اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آه??، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ افغانين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آهن، ان تاريخ کي ڪنهن صو??ت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ افغان ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ ??بيب چيو ته افغانستان پاڪستان جو ڀائر ملڪ آه??، اها مڃيل حقيقت آهي جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ افغانستان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته افغانستان جي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا افغانستان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغانستان ۾ جنگ جي صو??تحال هئ??، ان صو??تحال ۾ افغانستان جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي افغان عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان جو حصو بڻايو آه??، افغاني هتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت ۽ عمران خان افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان جي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ويهڪن جو انعقاد ڪيو وڃ??، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر آهن، هن چيو ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني ايندا آهن ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويندا آهن، افغاني علاج لاءِ پاڪستان ۾ ايندا آهن، پاڪستان پنهنجي دل کولي رکي آهي، هن چيو ته افغان مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آهي، پاڪستان جي ڪوشش رهي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌريون اتفاق راءِ تي پهچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ افغانستان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ مثبت ڪوششون جاري رکيون آهن، هن چيو ته افغان ميڊيا تي امن افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو افغان جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، افغانستان ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪستان ۾ به ايندا رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ميڊيا جو مثبت ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.