فيصل آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب چيو آه?? ته ڪورونا وبا جي ٽ??ين لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ فيصل آباد ۾ اڳ کان قائم 6 ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽرز جي ??نگ کي وڌائي 11 ڪيو پيو وڃ?? ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو انهن مان فائدو کڻي سگهن. ٻنپهرن جو ڪورونا ويڪسي نيشن سينٽر اسپورٽس ڪمپليڪس سمن آباد فيصل آباد جي ??وري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن??ين ويڪسينيشن سينٽرز تي ڏهاڙي 20 هزار ماڻهن جي ??ضافي ويڪسي نيشن ڪري سگهبي جڏهن ته پنجاب حڪومت جي ويڪسي نيشن مهم بهترين هلي رهي آهي ۽ حڪومت جا ڪورونا قدم هر سطح تي ساراهيا ويا آهن. هن چيو ته ڪورونا جي وبا ا??ڻ تي اسان وٽ رڳو 400 ڏهاڙي ٽيسٽ ڪرڻ جي ??لاحيت هئي پر هاڻي ڏهاڙي هزارين ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن.