اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان خميس ڏينهن سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قائدايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ پارلياماني معاملن سميت ٻين اهم معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چي?? ته ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر کي سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??، ايوان ۾ خوشگوار ماحول ۾ بحث ۽ قانونسازي پارليامينٽ جي عزت ۾ اضافو ڪندي، موجوده چونڊ عمل ۾ شفافيت وقت جي اهم ضرورت آهي، مخالف ڌر کي پارلياماني ڪميٽي جي قيام جي لاءِ خط لکيا ويا آهن جواب جو انتظار آهي، مستقبل جي لاءِ چونڊ عمل تي اعتماد کي بحال ڪرڻ مخالف ڌر ۽ حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي، اسد قيصر چي?? ته چونڊ سڌاران جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي قيام جو مخالف ڌر پاران نالا وصول ٿيڻ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.