اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي 3 رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪئي آ??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اها ڪميٽي گذريل مهيني ڌرڻو هڻندڙ 13 خا??دانن جي نمائندگي ڪري رهي آ??ي، وزيراعظم عمران خا?? ان موقعي تي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خا?? کي ٽاس?? ڏنو ته هو فوري طور تي انهن گم ٿيل ماڻهن جي درست صورتحال معلوم ڪري. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪميٽي کي اڳڀرائي کان آگاهه رکيو ويندو.