اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اڄوڪي ڏينهن عورت صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته م??ڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ ??مورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي فراهمي ??قي??ي بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب ال??ٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ڪرڻ ٻارن جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي.