اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ت?? سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. سي??يٽ ۾ سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي ت?? سي??يٽ جي تعزيتي سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي لاڏاڻي ت?? سڀني کي ڏک آهي، هي ايوان هڪ خاندان وانگر آ??ي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ايوان جي ڪارروائي ۾ پنهنجي شرڪت ريعي متحرڪ ۽ فعال رهيو هجي ت?? ان جي کوٽ تمام گهڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کيس شعر ۽ شاعري سان وڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي فراز چيو ته زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو ا??ان جو ا??لاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.