اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن ز??د النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ رخ?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل دلچسپي ج?? علائقائي ۽ عالمي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان ۽ شيخ محمد بن ز??د النهيان ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ ويجهي طور ت?? ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ادارن ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.