لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پو??يس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي خاطر ۾ نه آڻي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏن?? وڃي، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ صرف ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??جاب پو??يس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آءِ جي پنجاب انعام غني وزيراعظم کي پنجاب پو??يس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل ۾ صرف ميرٽ تي عملداري ڪئ?? وڃي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏن?? وڃي، ماضي ۾ پو??يس ۾ سياسي ڀرتيون ڪ??ون ويون جنهن جو نقصان ماڻهن کي کڻڻو پيو، هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، پو??يس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي ليکي ۾ نه آڻي. ماڻهو توهان مان تڏهن مطئمن ٿيندا جڏهن توهان سڀني سان هڪجهڙو ۽ قانون موجب سلوڪ ڪندا.