پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان ??فسوسناڪ واقعي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻه?? کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي?? خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهري?? کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪري سڄو خاندان ??ربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولت?? کي بهتر بڻائڻ آهي، سرڪاري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻه?? کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معامل?? کي بهتر بڻائڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور انسٽيٽيٽوٽ آف ڪارڊيالوجي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.