اسلام آباد – 19 نومبر (ا?? پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪچري مان توانائ?? پيدا ڪرڻ ۽ ڪچري کي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن هوم هتي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم ايڇ مانڊوي والا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي ??ي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين اقتصادي ۽ واپا??ي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي ن?? آهي، هن سفير کي چيو ته ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ متوجهه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروب??ر جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، ڊينمارڪ جي سفير ڊپٽي چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي.